آصف زرداري چيو آهي ته، نوازشريف کي هاڻي وڃڻو ئي پوندو، ڇاڪاڻ ته ججز به فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي

asif ali badin

آصف زرداري چيو آهي ته، نوازشريف کي هاڻي وڃڻو ئي پوندو، ڇاڪاڻ ته ججز به فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، نوازشريف سينيٽ کي هٿ ڪرڻ لاءِ مارچ جو انتظار پيو ڪري، پر اسان سينيٽ به کڻنداسين ۽ پنجاب ۾ به حڪومت ٺاهي ڏيکاريندس، پيپلزپارٽي کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ زبردست موٽ ملي آهي ۽ بلوچستان سميت پوري ملڪ مان آواز پيا اچن ته آصف زرداري اچو اسان تي رحم ڪرايو، ماڻهن جون دليون ٽٽل آهن.

 بدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو  نواز شريف کي سينيٽ۽ قومي اسيمبلي ۾ شڪست ڏئي ملڪ ۾ عوام جو راڄ قائم ڪيو ويندو.

آصف علي زرداري چيو ته هن وٽ پيار جو جادو آهي ، هو پيار ڏيندو ۽ وٺندو آهي.

هن چيو ته  عوام غربت واري زندگي گهاري رهيو آهي،عوام جي حالت ڏسي ڏک ٿيندو آهي، عوام کي زندگي جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جاري رهندي،بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم کي ٻيڻو ڪيو ويندو.

هن چيو ته ملڪ جي خوشحالي  جو دارو مدار ٻهراڙي تي آهي عورتن کي زرعي زمين ڏئي کين پنهنجي پيرن  تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪيون پيا، شاخن ۽ واهن کي پڪو ڪيو ويندو، ته جئين پاڻي جي کوٽ ختم ٿي سگهي.

بلوچستان بابت ڳالهائيندي اڳواڻي صدر چيو ته بلوچستان کي پنهنجا حق ملڻ گهرجن ،جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پاڪستان جو نقصان ٿيندو.

آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ترت ملڪ ۾ عوام جو راڄ قائم ٿيندو ۽ عوام حڪمراني ڪندو.

هن چيو ته اسان جو  مَيٽ سان غسل ٿيل  آهي، ان ڪري گرمي ۽ سردي جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکون ٿا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*