جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته ڊان ليڪس جي رپورٽ کوٽيو پهاڙ نڪتو ڪوئو وانگر آهي

siraj ul haq

جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته ڊان ليڪس جي رپورٽ کوٽيو پهاڙ نڪتو ڪوئو وانگر آهي، قوم اصل ڪردارن خلاف ڪردار ادا ڪرڻ جو  مطالبو ڪري رهي آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته قوم کي ڊان ليڪس جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي مان وڏيون اميدون هيون پر ڊان ليڪس جي رپورٽ کوٽيو پهاڙ نڪتو ڪوئو وانگر آهي.

هن چيو ته ڊان ليڪس معاملي ۾ ننڍن ڪردارن کي قربان ڪري اصل ڪردارن کي بچايو ويو آهي، قوم اصل ڪردارن خلاف ڪردار ادا ڪرڻ جو  مطالبو ڪري رهي آهي.

سراج الحق چيو ته پاناما ڪيس بابت جي آءِ ٽي جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد اهم فيصلو اچڻو آهي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۽ اووربلنگ خلاف ماڻهو روڊن تي نڪري ڌرڻا هڻي رهيا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*