شڪارپور سانحو سنڌ جي تاريخ جو بدترين واقعو آهي خالد مقبول صديقي

متحده رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته شڪارپور سانحي بعد وزير اعظم واقعي جو نوٽيس نه ورتو ۽ ئي وري وفاق مان ڪير وارثن وٽ لڙي آيو آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته شڪارپور واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ شهيدن جي وارثن ڪجهه وقت طلب ڪيو آهي، جنهن سبب ڪيس داخل ٿيڻ ۾ تاخير ٿي رهي آهي.

متحده رابطا ڪميٽي جي 6 رڪني وفد ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ شڪارپور پهچي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور سانحو سنڌ جي تاريخ جو بدترين واقعو آهي، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، جتي ماضي ۾ ڪابه مذهبي نفرت نه هئي.

خالد مقبول صديقي چيو ته شڪارپور سانحي تي وزير اعظم کي نوٽيس وٺڻ کپي ها، پر وفاق مان ڪوبه شهيدن جي وارثن وٽ ناهي پهتو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*