سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي اسماعيل راهو

نوازليگ سنڌ جي صدر اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ نواز ليگ ملڪ اندر آئين ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ سمورين پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسماعيل راهو چيو ته پ پ حڪومت ڪمند جي اگهه تي عمل نه ڪرائي سگهي آهي ۽ اها فوري طور شگر ملرز کي سرڪاري اگهه تي ڪمند جي خريداري لاءِ پابند بڻائي.

اسماعيل راهو چيو ته نواز ليگ جو ڪوبه ڪارڪن مارشل لا جي حمايت نه ڪندو.

ارباب رحيم، لياقت جتوئي ۽ غوث علي شاهه نوازليگ ۾ هئڻ واري سوال جي جواب ۾ اسماعيل راهو چيو ته اهڙو سوال انهن کان پڇيو وڃي، باقي اهي نوازليگ جا ميمبر آهن.

اسماعيل راهو چيو ته پيپلز پارٽي سان ڪرپشن ۽ ڦر لٽ تي ڪابه مفاهمت نه ڪئي ويندي.

ان موقعي تي نواز ليگ سنڌ جي صدر پارٽي عهديدارن جو اعلان ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*