سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت حيدرآباد کان ٽنڊي ڄام ۽ ميرپورخاص ٽول ٽيڪس جا نوان اگهه مقرر ڪيا ويا آهن

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت حيدرآباد کان ٽنڊي ڄام ۽ ميرپورخاص ٽول ٽيڪس جا نوان اگهه مقرر ڪيا ويا آهن.

 حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حيدرآباد کان ٽنڊي ڄام تائين 3 کان 6 ايڪسل ٽرالر وارن کان 75 روپيا، ٽرڪن کان 50 روپيا، مني بس کان 100، وين وارن کان 80 روپيا، ڪار ۽ جيپ وارن کان 20 روپيا ٽيڪس ورتو ويندو.

نوٽيفڪيشن موجب حيدرآباد کان ميرپورخاص ويندڙ ٽرالر ۽ ٽريڪٽر  3 ايسڪل 185 روپيا، وڏين بسن کان 185، مني بسن ۽ وين وارن کان 150 روپيا، 4 کان 6 ايڪسل ٽرڪن کان 235 روپيا، 2 ايڪسل ٽرڪن کان 185 روپيا ۽ ڪار وارن کان 50 روپيا ٽيڪس ورتو ويندو.

نوٽيفڪيشن موجب ٽول پلازه جي 5 ڪلوميٽرن تائين جا رهواسي ٽيڪس کان آجا هوندا، ڳوٺن ۾ حاجي عمر ڳوٺ، ڏيٿا ڳوٺ، ڳوٺ عثمان شاهه، راهوڪي ۽ سلطان آباد شامل آهن.

ٽول پلازه انتطاميه نئين نوٽفيڪشن تحت گاڏين وارن ٽيڪس وصولي شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*