پي سي بي چيئرمين شهر يار خان چيو آهي ته منهنجو سياست سان ڪوبه واسطو نه آهي

sheriyar khan pcb

پي سي بي چيئرمين شهر يار خان چيو آهي ته منهنجو سياست سان ڪوبه واسطو نه آهي ، مصباح الحق کي عمران خان کان وڏو سياسي بنيادن تي نه چيو آهي پر هو عمران خان کان وڏو ڪپتان آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهر يار خان چيو ته جاويد ميانداد وڏو رانديگر آهي، جنهن خلاف ڪجهه نه چوندس، ان کي پي سي بي ۾ به عهدو مليو پر هو بهتر نموني نه نڀائي سگهيو.

شهر يار خان چيو ته ويسٽ انڊيز جو اڳوڻو ڪپتان ووين رچرڊ به وڏو رانديگر هو پر اهو سٺو ڪوچ ثابت نه ٿيو.

هن چيو ته ناصر جمشيد اسپاٽ فڪسنگ جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو بڪيز کي وٺي آيو.

پي سي بي چيئرمين چيو ته منهنجو سياست سان ڪوبه واسطو نه آهي ، مصباح الحق کي عمران خان کان وڏو سياسي بنيادن تي نه چيو آهي پر هو عمران خان کان وڏو ڪپتان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*