شڪارپور سانحي ۽ ملير حادثي جو سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته شڪارپور سانحي ۽ ملير حادثي۽ ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ملير پريس ڪلب ۾ اياز لطيف پليجو شڪارپور سانحي خلاف 4 کان 17 فيبروري تائين سموري سنڌ ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي اي پي سيز ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجو چيو ته شڪارپور سانحو سنڌ جي تمام وڏو سانحو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.

اياز لطيف پليجو چيو ته شڪارپور سانحي ۽ ملير حادثي جو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

اياز لطيف پليجو چيو ته 4 کان 17 فيبروري تائين سموري سنڌ ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي اي پي سيز ڪوٺايون وينديون.

اياز لطيف پليجووڌيڪ چيو ته ڪراچي جي وارثي ڪرڻ لاءِ هر سنڌي ڪٽنب گهر مان هڪ ڀاتي کي ڪراچي اماڻي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*