لاهور هاءِ ڪورٽ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ڪرڪيٽر خالد لطيف جي پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ ڪارروائي

Lahore-High-Court-81116

لاهور هاءِ ڪورٽ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ڪرڪيٽر خالد لطيف جي پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ ڪارروائي روڪڻ واري استدعا رد ڪندي  13 جون تي وفاقي حڪومت ۽ پي سي بي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪرڪيٽر خالد لطيف جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

خالد لطيف سنگل بينچ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا سان گڏ پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ ۽ ٽربيونل جي اختيارن کي به چيلنج ڪيو آهي.

عدالت چيو ته ٻي ڌر کي ٻڌڻ بنا حڪم جاري نه ٿو ڪري سگهجي.

خالد لطيف جي وڪيل چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن يونٽ جا رولز واضع ناهن، جنهن سبب ڪنهن کي سزا نٿي ڏئي سگهجي.

عدالت پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي خالطيف خلاف ڪارروائي روڪڻ جي استدعا کي رد ڪري ڇڏيو ۽ 13 جون تي وفاقي حڪومت ۽ پي سي بي کان جواب طلب ڪري ورتو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*