وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آصف زرداري جي گم ٿيل 3 ساٿين بابت چوڌري نثار ڪو به رابطو ناهي ڪيو

cm

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آصف زرداري جي گم ٿيل 3 ساٿين بابت چوڌري نثار ڪو به رابطو ناهي ڪيو، وفاقي ادارا ڳولا جي ڪوششون ڪري رهيا آهن، ٻڌو آهي ته کين واڪي ٽاڪي وارا کڻي ويا آهن.

وزير اعليٰ هائوس ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير چيو ته آصف زرداري جي گم ٿيل 3 ساٿين جو ڪيس عدالت ۾ آهي پر چوڌري نثار پاران سنڌ حڪومت کي ذميوار قرار ڏيڻ افسوسناڪ آهي.

وڏي وزير چيو ته سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن چيو آهي ته اهي ماڻهو وٽن موجود نه آهن، اطلاع آهن ته انهن کي واڪي ٽاڪي وارا کڻي ويا آهن.

وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايل اين جي جو معاملو گڏيل مفادن واري اجلاس م کڻڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن جيڪي هرحال ۾ جون تائين مڪمل ڪيا ويندا.

وڏي وزير چيو ته مختلف کاتن ۾ خالي پيل جايون جلد ميرٽ تي ڀريون وينديون، پيپلز پارٽي جو منشور آهي ته بيروزگارن کي روزگار ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*