قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جمهوري نظام متاثر ٿيو ته ان جو ذميوار نوازشريف هوندو، هو پارليامينٽ ۽ نظام کي هلندي ڏسڻ چاهين ٿا

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جمهوري نظام متاثر ٿيو ته ان جو ذميوار نوازشريف هوندو، هو پارليامينٽ ۽ نظام کي هلندي ڏسڻ چاهين ٿا.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نوازشريف جي ڪوشش آهي ته نظام متاثر ٿئي.

سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته پارليامينٽ ۽ نظام هلندو رهيو آهي، نوازشريف کي اسٽپ ڊائون ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته مشرف ڏيهه اچي سياست ڪري پرڏيهه ۾ ويهي ڳالهيون نه ڪري. پيپلزپارٽي جمهوريت جي حامي آهي، سسٽم کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏيندي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڪو به ڳٺ جوڙ نه آهي، چوڌري نثار ٻه ڏينهن اڳ نيوز ليڪس تي بدلو ورتو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي حامي آهي، ڪنهن به صورت ۾ جمهوري نظام کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏنو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*