سنڌ هاءِ ڪورٽ ٺٽي ضلعي اندر روڊن ۽ پُلن جي تعمير ۽ مرمت بابت جاري ڪيل 60 ڪروڙ روپين وارين 59 ترقياتي اسڪيمن تي عملدرآمد روڪڻ ۽ چيف سيڪريٽري

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٺٽي ضلعي اندر روڊن ۽ پُلن جي تعمير ۽ مرمت بابت جاري ڪيل 60 ڪروڙ روپين وارين 59 ترقياتي اسڪيمن تي عملدرآمد روڪڻ ۽  چيف سيڪريٽري، هاءِ ويز کاتي ٺٽو جي ايڪسيئن، سيڪريٽري ورڪس، چيف انجنيئر، ڊي سي ۽ ٻين عملدارن کي 12 مئي تي رڪارڊ سميت  پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ٺٽي جي ٺيڪيدار غلام شبير عرف ڪاڪا ميمڻ  جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 60 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان هاءِ ويز کاتي پاران جاري ڪيل 62 ترقياتي اسڪيمن جا ٺيڪا کلي عام نيلام ڪرڻ  بدران من پسند ۽ نان پروفيشنل ٺيڪيدارن کي وڏي ڪميشن عيوض ڏنا ويا آهن.

درخواستگذار اهو به موقف اختيار ڪيو آهي ته کين ٽينڊرن جي  عام نيلامي ۾ حصو وٺڻ کان محروم رکي سيپرا جي رولز ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي ٺٽي ضلعي اندر روڊن ۽ پلين جي تعمير ۽ مرمت بابت جاري ڪيل 62 اسڪيمن جي ٽينڊرن تي عملدرآمد ايندڙ ٻڌڻي تائين روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي هاءِ ويز کاتي ٺٽو جي ايڪسين سميت لاڳاپيل عملدارن کي 12 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*