پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو سربراهه ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پاسپورٽ رينيو ڪرائڻ لاءِ ڪراچي پاسپورٽ آفيس پهتو

zardari pasprt office

پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو سربراهه ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پاسپورٽ رينيو ڪرائڻ لاءِ ڪراچي پاسپورٽ آفيس پهتو، آصف زرداري جي آمد جي موقعي تي پاسپورٽ آفيس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سڪيورٽي سخت ڪئي وئي.

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪراچي پاسپورٽ آفيس پهتو، جتي هن پنهنجو پاسپورٽ رينيو ڪرائڻ لاءِ درخواست فارم ڀريو ۽ ٻيون فارملٽيز پوريون ڪيون ۽ جلد واپس روانو ٿي ويو.

 آصف زرداري جي پاسپورٽ آفيس آمد جي موقعي علائقن ۾ سڪيورٽي سخت ڪئي وئي، رستن تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جو وڏو انگ مقرر ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*