سکر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن وظيفي جي رقم نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

sukkur income support pro

سکر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن وظيفي جي رقم نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مستحق عورتن سسئي شيخ، راحت خاتون، جانل خاتون بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته هو گذريل هڪ هفتي کان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي جا پئسا وٺڻ لاءِ اچي رهيون آهن پر ايزي پئسا سينٽرن تان کين اڃا تائين رقم نه ملي سگهي آهي.

هنن چيو ته پئسا ڏيڻ بدران ڌڪا ڏنا پيا وڃن  هو ايزي پئسا سينٽرز جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيون آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا مستحقن تائين پهچائڻ وارو طريقو آسان بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*