سنڌ اسيمبلي ۾ شڪارپور سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو

سنڌ اسيمبلي ۾ شڪارپور سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، مخالف ڌر جي ميمبرن زخمين جي بهتر سارسنڀال نه ٿيڻ ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ تي حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي، جڏهن ته حڪومتي ڌر جي ميمبرن صوبي ۾ سڀ ٺيڪ هئڻ جو راڳ آلاپيندي چيو ته دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران مخالف ڌر جي نصرت سحر عباسي ۽ ٻين ميمبرن شڪارپور سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو.

مذمتي ٺهراءُ تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهر يار مهر چيو ته شڪارپور ۾ دهشتگردي جو پنجون واقعو پيش آيو آهي ۽ اهڙين واقعن بابت آگاهي ڏيڻ باوجود سنڌ حڪومت جوڳا قدم نه کنيا آهن.

نصرت سحر عباسي چيو ته شڪارپور واقعي کانپوءِ ايئن لڳي رهيو آهي ته ڇا سنڌ وزيرستان بڻجي رهي آهي.

فنڪشنل ليگ اڳواڻ امتياز شيخ چيو ته شڪارپور اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب سانحي جا ڪيترائي زخمي پنهنجي حياتي وڄائي ويٺا.

هن چيو ته ايمبولنسون نه هئڻ سبب زخمين کي چنگچي رڪشائن ۽ گڏهه گاڏن تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار چيو ته سمورو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ جيترا ساده هو آهن دشمن ايترو سادو نه آهي، طالبان جي محفوظ ٺڪاڻن جي لسٽ وٽن موجود آهي.

فيصل سبزواري چيو ته عوام جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، پر هتي پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

صوبائي وزير هزار خان بجاراڻي چيو ته شڪارپور سانحو ڳجهن ادارن جي نااهلي آهي.

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته سنڌ دهشتگردن جي نشاني تي آهي ۽ شاهد الله شاهد چيو هو ته هو خاص طور سنڌ کي نشانو بڻائيندا.

متحده جي سيد سردار احمد چيو ته حڪومت کي پنهنجو انٽيليجنس نيٽ ورڪ ٺاهڻ گهرجي.

متحده جي پونجو مل ڀيل چيو ته ڦاٽا ۽ ٻين صوبن سان ايندڙ ماڻهو سنڌ ۾ دهشتگردي ڪن ٿا.

صوبائي وزير نثار کهڙي مخالف ڌر جي ميمبرن جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت کي اجايو تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ڇا ٻڌايو وڃي ته جي ايڇ ڪيو ۽ ڪراچي ايئر پورٽ تي حملو به سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي تي ضابطي لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي ۽ هڪٻئي جي مدد کانسواءِ دهشتگردي تي ضابطو نٿو آڻي سگهجي.

صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته هو اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته صوبي ۾ اسپتالن جي حالت بهتر نه آهي.

ڄام مهتاب مهر چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا آهن.

صحت واري وزير چيو ته شڪارپور واقعي کانپوءِ اسپتالن ۾ نه رت جي کوٽ هئي ۽ نه وري آڪسيجن جي ڪا گهٽتائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*