پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي لاءِ پر اميد آهي ڪپتان مصباح الحق

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ٻين ٽيمن جيان سندس ٽيم به ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ۾ ڪاميابي لاءِ گهڻي پراميد آهي.

گڏيل عرب امارتن جي شهر ابو ظهبي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته هو ۽ ٽِيم جي سمورن رانديگرن جون نظرون ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي تي کتل آهن.

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو ميلو 14 فيبروي کان 29 مارچ تائين آسٽريليا۽ نيوزيلينڊ ۾گڏيل طور شروع ٿيندو.

ميگا ايونٽ ۾ دنيا جون 14 ٽيمون ٽائٽل کٽڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪنديون.

قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته کيس اميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015۾ ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي.

قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز بعد سندن نظرون هاڻي ڪيوي ٽيم کي شڪست ڏيڻ تي کتل آهن.

مصباح الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ميگا ايونٽ ۾ ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

                                                                                                                                                                                                                                                                                     سندس چوڻ هو ته ٽيم جي سمورن رانديگرن کي گهرجي ته هو نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ پنهنجي غلطين تي ضابطو آڻين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*