افغان بارڊر سڪيورٽي فورسز جي جي پاڪستاني سرحدي علائقي ۾ آدمشماري ۾ مصروف ايف سي جي دستي تي فائرنگ ۾ 9 شهري شهيد ٿي ويا ۽ 42 ڄڻا زخمي ٿي پيا

afghan border

افغان بارڊر سڪيورٽي فورسز جي جي پاڪستاني سرحدي علائقي ۾ آدمشماري ۾ مصروف ايف سي جي دستي تي فائرنگ ۾ 9 شهري شهيد ٿي ويا ۽ 42  ڄڻا زخمي ٿي پيا.

چمن جي سرحدي علائقي ۾ افغان سڪيورٽي فوسز جي  وقفي وقفي سان فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 شهري شهيد ٿي ويا، جنهن دوران پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي.

ڊي ايڇ ڪيو جي ايم ايس ڊاڪٽر اختر چيو آهي ته اسپتال ۾ ستن ڄڻن جا لاش آندا ويا هئا، زخمين کي به طبي امداد ڏني پئي وڃي.

آءِ ايس پي آر موجب، ايف سي جو دستو سرحدي علائقي ۾ آدمشماري ڪري رهيو هو ته افغان بارڊر پوليس فائرنگ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، چمن بارڊر کي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي .

آءِ ايس پي آر موجب، آدمشماري ۾ رنڊڪ وجهڻ جو سلسلو 30 اپريل کان جاري هو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سرحد وٽ آدمشماري بابت افغان حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو هو.

ٻي طرف چمن اسپتال ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ماڻهن جو وڏو انگ رت جو عطيو ڏيڻ لاءِ اسپتال پهچي ويو.

افغان بارڊر پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن ۾ علائوالدين، بلاول احمد، حڪمت الله ۽ در محمد ۽ ٻيا شامل آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*