دوڙ ويجھوڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ شڪارپور واسڻ عورت فوت ٿي وئي، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Road-Accident-201016

دوڙ ويجھوڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ شڪارپور  واسڻ عورت فوت ٿي وئي،  4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 سي اين جي اسٽيشن وٽ ڪار موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار شڪارپور واسڻ سوني شر فوت ٿي وئي.

جڏهن ته مير حسن شر، علي حسن شر ۽ دوڙ واسي 2 ڄڻا وحيد مري ۽ نجما مري زخمي ٿي پيا.

شهرين لاش ۽ زخمين کي کڻائي دوڙ جي اسپتال ۾ پهچايو، جتان عورت جو لاش سندس وارث کڻائي ويا.

دوڙ پوليس موجب حادثي جو ڪيس داخل ڪري زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيارڻ بعد مختلف شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*