سکر ۾ غريب عورتن پاران ايزي پئسا سينٽرن تان انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Sukkur-2-12

سکر ۾ غريب عورتن پاران ايزي پئسا سينٽرن تان انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سسئي شيخ ۽ راحت خاتون جي اڳواڻي ۾ عورتن گهنٽا گهر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غريب عورتن چيو ته هڪ هفتي کان چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيون آهن پر ايزي پئسا سينٽر  انتظاميه پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

غريب عورتن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انڪم سپورٽ جا پئسا ڏيڻ جو طريقو آسان بڻائي اسان کي مشڪلاتن کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*