وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته الزامن جي سياست ڪندڙن کي عوام سڃاڻي ورتو آهي
وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته الزامن جي سياست ڪندڙن کي عوام سڃاڻي ورتو آهي، مخالف الزام هڻن پر اسان ڪم ڪندا رهنداسين، اکيون بند ڪري ويٺل ڪبوتر کي 2018 ۾ شينهن کڻي ويندو.
آزاد ڪشمير ۾ نيلم جهلم پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اجايا احتجاج ڪرڻ مخالفن جي عادت بڻجي وئي آهي ۽ اهي ماڻهو روز ٽي وي تي اچي گاريون ڏيندا آهن.
وزير اعظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ملڪ کي ڪنهن تباهه ڪيو آهي ، الزام هڻندڙ عادتن کان مجبور، مخالف الزام هڻن پر اسان ڪم ڪندا رهنداسين.
وزير اعظم چيو ته لوڊشيڊنگ ۾ مبتلا ڪرڻ وارن کي ماڻهو سڃاڻين ٿا ۽ اسان چونڊن کان اڳ واعدو ڪيو هو ته اقتدار ۾ اچي 5 سالن دوران لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو آڻينداسين.
هن چيو ته جڏهن 2013 ۾ اسان اقتدار سنڀاليو ته پاڪستان ڊفالٽ قرار ڏيڻ جي ويجهو هو، ماضي ۾ لوڊشيڊنگ عروج تي پهتل هئي، اسان ان کي ڪنهن حد تائين ختم ڪري ڇڏيو آهي.
نواز شريف چيو ته مخالف ياد رکن 2018 ۾ به شير ڪاميابي ماڻي حڪومت ۾ ايندو ۽ شير اکيون بند ڪري ويٺل ڪبوتر کي کڻي ويندو.
هن چيو ته ايندڙ سال وڌيڪ 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي ۽ اسان جي ڪنهن به ميگا منصوبي ۾ ڪرپشن جو الزام ناهي لڳو.
وزير اعظم چيو ته اسان نئين پاڪستان جي تعمير ڪري رهيا آهيون ۽ روز نوان نوان ڪوڙ ڳالهائيندڙن مان عوام بيزار ٿي ويو آهي.