ناليواري اديب، ناول نگار ۽ دانشور آغا سليم جو مڙهه سندس وصيت موجب هڪ سال بعد شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي اڱڻ ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

Hala-Tadfeen-5517

ناليواري اديب، ناول نگار ۽  دانشور آغا سليم جو مڙهه سندس وصيت موجب هڪ سال بعد شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي اڱڻ ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس تدفين ۾ ڏات ڌڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪراچي ۾ امانت طور دفن ٿيل ناليواري اديب ۽ ناول نگار آغا سليم جو مڙهه سندس پٽ آغا خداداد خان، نياڻي گل زرين، ۽ ٻيا وارث کڻائي ڀٽ شاهه پهتا، جتي سندس لاکيڻي لطيف جي اکڻ ۾ تدفين ڪئي وئي.

تدفين واري موقعي تي درگاهه ڀٽائي جو گادي نشين سيد وقار شاهه لطيفي، تاج جويو، نصير مرزا،گاگن داس، پروفيسر سليم ميمڻ، شوڪت شورو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

ان موقعي تي سيد وقار شاهه لطيفي، تاج جويو، گاگن داس ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته آغا سليم سنڌ جو اثاثو هو، سندس لطيف سرڪار تي ڪيل ادبي پورهيو سدائين سنڌ واسين کي اتساهه ڏيندو رهندو.

ياد رهي ته سنڌ جي ساڃاهه وند آغا سليم وصيت ڪئي هئي ته کيس ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪيو وڃي، جنهن تحت کيس مڙهه کي ڀٽائي جي اڱڻ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*