ڊي جي ڪاليجز ڪراچي ناصر انصار پاران 66 جعلي ملازمن کي ڪوڙن آرڊرز ذريعي ٻين ريجنز ڏانهن بدلي ڪرڻ ۽ ٻين ريجنز جي ملازمن کي لاڳاپيل ادارن جي منظوري کان سواءِ ڪراچي ريجن بدلي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

Nasir-Insar-6517

ڊي جي ڪاليجز ڪراچي ناصر انصار پاران 66 جعلي ملازمن کي ڪوڙن آرڊرز ذريعي ٻين ريجنز ڏانهن بدلي ڪرڻ ۽ ٻين ريجنز جي ملازمن کي  لاڳاپيل ادارن جي منظوري کان سواءِ  ڪراچي ريجن بدلي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اينٽي ڪرپشن معاملي جي جاچ شروع ڪري الزام هيٺ آيل ڊائريڪٽر کان بدلين ۽ ڀرتين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

ڊي جي ڪاليجز ڪراچي ناصر انصار 66 جعلي ملازمن کي ڪوڙن آرڊرز ذريعي ٻين ريجنز ڏانهن بدلي ڪري ڇڏيو، ٻين ريجنز جا ملازم پڻ لاڳاپيل ادارن جي منظوري کان سواءِ ڪراچي ريجن بدلي ڪري ڇڏيا.

 ٻين ريجنز ڏانهن بدلي ڪيل جعلي ملازمن  ۾ گريڊ هڪ کان 14 گريڊ جا ملازم شامل آهن، جتي سندن ملازمت جو ڪو به  رڪارڊ نه ٿو ملي.

 جعلي ڀرتين جو معاملو ان وقت سامهون آيو، جڏهن نثار عباسي نالي شخص اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ درخواست ڏني.

شڪايت ملڻ بعد اينٽي ڪرپشن پاران جعلي ملازمن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

اينٽي ڪرپشن کاتي الزام هيٺ آيل ڊائريڪٽر  ناصر انصار کان تفصيل ۽ جواب  طلب ڪري ورتاآهن، جڏهن ته جعلي نموني ڀرتي ڪيل 66 ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جي طريقي، ان بابت اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ، انٽرويو ليٽر، سليڪشن ڪميٽي جي رپورٽ، ميڊيڪل رپورٽ، آفر آرڊر، اپائنمينٽ ليٽر ۽ جوائننگ ليٽر جون ڪاپيون  پڻ طلب ڪري ورتيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*