سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت ڪميشن رٿابندي واري وفاقي سيڪريٽري جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي

Water-23117

سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت ڪميشن رٿابندي واري وفاقي سيڪريٽري جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻن مهينن کان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه پيو ٿئي، صورتحال جيئن جو تيئن آهي.

سپريم ڪورٽ جي واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ڄام شورو روڊ تي قائم 30 ايم جي ڊي فلٽر پلانٽ جي بحالي جو ڪم جاري آهي، ڪلورينز فلٽر هيڊ جي بحالي ۽ ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم 15 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جنهن لاءِ صوبائي حڪومت 5 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا آهن.

ڪميشن آڏو پيش ڪيل رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بيٽر مينٽ چارجز ۾ واسا کي 6 ڪروڙ روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميشن جي روشني ۾ سنڌ سرڪار کي بحالي جي ڪمن لاءِ لسٽ جاري ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت کي واڌو رقم لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي.

رٿابندي وارو وفاقي سيڪريٽري پيش ٿيو، جنهن چيو ته گذريل ٻڌڻي تي هن جي غير موجودگي ۾ موقف درست نموني نه رکيو ويو.

هن چيو ته آر بي او ڊي منصوبي جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ جاري آهي، جيڪو تمام پراڻو منصوبو آهي، هاڻي ان جو خرچ به وڌي ويو آهي.

ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته آر بي او ڊي پروجيڪٽ 18 ترميم کان اڳ جو آهي جنهن ۾ صوبائي خودمختياريءَ جو معاملو به نه آهي.

ڪمشنر ڪراچي  ڪميشن آڏو پيش ٿيندي چيو ته ايندڙ خميس تي آر بي اوڊي بابت گڏجاڻي گهرائي وئي آهي جنهن ۾ سيڪريٽري پاڻي ۽ بجلي به شريڪ ٿيندا.

ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وسيم احمد چيو ته سمنڊ کي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ 2007 ۾ ايس ٿري منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو هو جيڪو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو، ان منصوبي لاءِ وفاقي حڪومت فنڊز ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو پر فراهم ناهن ڪيا ويا.

ڪميشن ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسپتالن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، صاف پاڻي مهيا نه پيو ڪيو وڃي، ڪچرو کڻڻ لاءِ ڪو انتظام نه آهي،سپريم ڪورٽ جي حڪم کي به مهينا ٿي ويا آهن اڃا تائين ڪجهه ناهي ڪيو ويو. …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*