ٽنڊي الهيار،گهوٽڪي ۽ لکي غلام شاهه ۾ ٽن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

Accident-Road-27217

ٽنڊي الهيار،گهوٽڪي ۽ لکي غلام شاهه ۾ ٽن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

گھوٽڪي ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار عورت شهناز فوت ٿي وئي، سندس مڙس نواب چاچڙ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي گهوٽڪي جي تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

ٽنڊي الهيار ۾ ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي کي اوور ٽيڪ ڪرڻ دوران موٽرسائيڪل تي سوار 60 ورهين جي ليلا زال عبدالله لنڊ موٽر سائيڪل تان ڪري سخت زخمي ٿي پئي.

زخمي عورت کي نازڪ حالت ۾ ٽنڊي الهيار جي سول اسپتال نيو ويو، جتي هوءَ زخمن جو سور نه سهندي فوت ٿي وئي.

لکي غلام شاهه ۾بُهه سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن ۾ عبدالله سولنگي فوت ٿي ويو ۽ عبدالوحيد مهر زخمي ٿي پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*