بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ جي اولهندي سرحد تي دهلي ۽ ڪابل جي ڳٺ جوڙ جي عڪاسي نظر اچي رهي آهي

khuwaja-asif28-8

بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ جي اولهندي سرحد تي دهلي ۽ ڪابل جي ڳٺ جوڙ جي عڪاسي نظر اچي رهي آهي، افغانستان پنهنجي اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، ٻيهر اهڙيون ڪارروايون ٿيون ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته چمن ۾ ڪارروائي تي افغانستان کي پنهنجي غلطي جو احساس به ٿيو آهي.

خواجه آصف چيو ته افغانستان خراب حالتن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪ – افغان سرحد تي ڪارروايون ڪري پيو، جنهن ۾ دهلي ۽ ڪابل جي ڳٺ جوڙ جي عڪاسي نظر اچي پئي.

بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته اسان افغانستان سان هاڪاري سهڪار جون ڪوششون جاري رکنداسين پر هاڻي ڪا اڳرائي ٿي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*