سنڌ جي تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته ڪاپي ڪرائيندڙ سوشل ميڊيا گروپس ۾ ڀارتي نمبر به شامل آهن
سنڌ جي تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته ڪاپي ڪرائيندڙ سوشل ميڊيا گروپس ۾ ڀارتي نمبر به شامل آهن، ڪاپي روڪڻ لاءِ ايف آءِ اي ۽ سي ٽي ڊي سان رابطو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي بورڊ جي انٽر واري امتحان دوران فزڪس جو پيپر وقت کان اڳ ئي آئوٽ ٿي سوشل ميڊيا تي شيئر ٿي ويو، جنهن جو نوٽيس وٺندي تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ڪاپي ڪرائيندڙ سوشل ميڊيا گروپس ۾ ڀارتي نمبر به شامل آهن، ڪاپي روڪڻ لاءِ ايف آءِ ۽ سي ٽي ڊي سان رابطو ڪيو ويو آهي.
صوبائي وزير ڪراچي جي هڪ اسڪول جو دورو ڪيو، جتي هن ٻارن کان تعليم بابت سوال ڪيا ۽ استادن کي هدايت ڪئي ته تعليمي معيار کي بهتر بڻايو وڃي…………..