پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ ترقي جي وڏو ذريعو آهي

Imran-Khan-Peshawar-6517

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ ترقي جي وڏو ذريعو آهي، ادارن ۾ تباهي جا ذميوار نجم سيٺي جهڙا ماڻهو هوندا آهن.

پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ماضي ۾پي آءِ اي بهترين ايئرلائين ۽ اسٽيل ملز منافعو  ڏيندڙ ادارا هئا پر ڪرپشن سبب اهي تباهه ٿي ويا آهن.

هن چيو ته اسٽيل ملز اڳ ۾ 8 ارب رپين جي منافعي سان هلي رهي هئي پر هاڻي اها 3 ارب رپين جي خساري سان هلي رهي آهي.

عمران خان چيو ته منهنجي سوچ آهي ته ملڪ ۾ زڪوات وٺڻ جهڙو ڪوبه ماڻهو نه هجي ۽ اهڙو وقت ايندو جو پاڪستان ڀارت ڏانهن زڪوات موڪليندو.

هن چيو ته چين 25 ڪروڙ ماڻهن کي روزگار ڏنو ۽ وقت ايندو جو چيني به اردو ٻولي سکندا، سي پيڪ ترقي جو وڏو ذريعو آهي.

عمران خان چيو ته ملڪ جا سمورا ادارا خساري ۾ هلي رهيا آهن، پر ڪراچي جي ميمڻ برادري سميت ٻيا ڪي پي ڪي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهن ٿا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*