سنڌ ايگريڪلچر آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئشن پاران پروموشن نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

khi welfare pro

 سنڌ ايگريڪلچر آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئشن پاران پروموشن نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ شير محمد چانڊيو، لال چند، محمد حنيف ۽ ٻين چيو ته زرعي توسيع اداري جي آفيسرن کي ڪيترن سالن کان ترقي نه ٿي ڏني وڃي.

اڳواڻن چيو ته لائيواسٽاڪ، سوشل ويلفيئر هيلٿ، تعليم کاتي جي آفيسرن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن پر زرعي توسيع کاتي جي آفيسرن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن آفيسرن  فوري طور ترقي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*