جوهي ۾ فرسٽ سول جج تعلقه اسپتال تي ڇاپو هڻي عملي جي غيرحاضري ۽ مريضن کي دوائون نه ملڻ تي انتظاميه کي ڇنڊ پٽيندي مريضن کي دوائون ۽ اسپتال ۾ صفائي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي

johi judge visit hospital

جوهي ۾ فرسٽ سول جج تعلقه اسپتال تي ڇاپو  هڻي عملي جي غيرحاضري ۽ مريضن کي دوائون نه ملڻ تي انتظاميه کي ڇنڊ پٽيندي مريضن کي دوائون ۽ اسپتال ۾ صفائي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي.

فرسٽ سول جج اينڊ جڊيشنل مئجسٽريٽ آغا عمران پٽاڻ عوامي شڪايتن تي تعلقه اسپتال جوهي ۽ آر او پلانٽ تي ڇاپو هنيو.

 فرسٽ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جوهي آغا عمران پٺاڻ عوامي شڪايتن تي تعلقه اسپتال جوهي ۽ آر او پلانٽ تي ڇاپو هنيو.

ڇاپي دوران  2 ڊاڪٽر سميت 6 ملازمن غيرحاضر رهيا،جڏهن ته  مريضن پاران دوائون ۽ صفائي نه هجڻ سبب شڪايتون ڪيون.

سول مئجسٽريٽ اسپتال جي ايم ايس کي عملي کي حاضر ۽ مريضن کي دوائون فراهم ڪرڻ جي هدايات ڪئي.

ٻئي طرف سول جج آر او پلانٽ تي دوري دوران شهرين جي شڪايتن جا انبار لڳي ويا،جنهن تي سول جج انجنيئر کي 8 مئي عدالت ۾ طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*