سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گرين لائين منصوبي کانسواءِ ڪراچي جي ميگا پراجيڪٽس لاءِ وفاق سنڌ کي ڪا به رقم نه ڏني آهي

cm

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گرين لائين منصوبي کانسواءِ ڪراچي جي ميگا پراجيڪٽس لاءِ وفاق سنڌ کي ڪا به رقم نه ڏني آهي، ڪراچي جي پاڻيءَ واري منصوبي ڪي ٿري لاءِ جيڪڏهن مون کي چوري ڪرڻي پئي ته چوري به ڪندس.

ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جا 66 کرب رپيا وفاق ڏانهن رهيل آهن، جيڪي اڃا تائين ناهن مليا، اين ايف سي ايوارڊ کانسواءِ بجٽ پيش ڪرڻ غير آئيني هوندو.

مراد علي شاهه چيو ته آرٽيڪل 158 تحت سنڌ کي گئس جو حصو نه پيو ملي، شاهد خاقان عباسي کي 3 ڏينهن اڳ گئس بابت خط لکيو هو پر ان جو ڪو به جواب ناهي مليو. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي امتحاني سينٽرن  ۾ ڪاپي ٿي رهي آهي، پرچا آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪافي ماڻهو ملوث آهن، امتحان دوران ڪاپي روڪڻ لاءِ سخت هدايتون ڏنيون آهن.

وڏي وزير چيو ته گورنر وفاق جو نمائندو آهي، کيس پنهنجي حدن ۾ اندر رهي ڪم ڪرڻ گهرجي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*