اڳوڻي آل رائونڊر شاهد آفريدي چيو آهي ته سنڌ ۾ عوام کي بنيادي سهولتون حاصل نه آهن

shahid afridi

اڳوڻي آل رائونڊر شاهد آفريدي چيو آهي ته سنڌ ۾ عوام کي بنيادي سهولتون حاصل نه آهن، جيڪڏهن بينظير ڀٽو هجي ها ته سنڌ جي اهڙي حالت نه هجي ها جيڪا هيئنر آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  شاهد آفريدي چيو ته ڪرڪيٽ اڪيڊمي کولڻ چاهيان ٿو پر سنڌ سرڪار زمين ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

شاهد آفريدي چيو ته جيڪا شيءِ  مون گهري اها يونس خان ۽ مصباح الحق کي ملي.

شاهد آفريدي چيو  ته سنڌ ۾ عوام کي بنيادي سهولتون حاصل ناهن، ٿر جو عوام وڏين تڪليفن ۾ آهي،  عوام جو پاڻي وارو  مسئلو حل ڪرڻ لاءِ 114 ڳوٺن ۾ ڪم ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*