اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس کي پارٽي فنڊنگ ڪيس کان الڳ ڪري ڇڏيو

Election-Imran-Khan-23117

اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس کي پارٽي فنڊنگ ڪيس کان الڳ ڪري ڇڏيو، توهين عدالت ڪيس ۾ جواب داخل ڪرڻ لاءِ عمران خان کي آخري مهلت ڏني وئي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ عمران خان ۽ حمزه شباز خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جو وڪيل پيش ٿيو.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي عمران خان خلاف توهين عدالت جي معاملي کي ڪيس کان الڳ ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي چيلنج ڪيو هو، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو.

عمران خان جي وڪيل چيو ته چونڊن ضابطن جي ڀڃڪڙي جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان جي وڪيل کي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا حڪم ناما پيش ڪرڻ جي هدايت  ڪندي چيو ته چونڊن ضابطن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ به هلي رهيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر جي ڪاپي کين ناهي ملي، موجوده چونڊ ضابطن تي ڪيتريون ئي ننڍيون چونڊيون ڪرايون آهن.

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته هنن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ حمزه شهباز شريف خلاف ڪيس ڪيس جي ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*