لاڙڪاڻي ۾ ڪوچ جي مسافرن ۾ ڀاڄ پوڻ سبب هڪ عوت لتاڙجي فوت ٿي وئي ۽ هڪ ٻارڙي زخمي ٿي پئي آهي

larkana hospital

لاڙڪاڻي ۾ ڪوچ جي مسافرن ۾ ڀاڄ پوڻ سبب هڪ عوت لتاڙجي فوت ٿي وئي ۽ هڪ ٻارڙي زخمي ٿي پئي آهي.

قمبر روڊ تي مسافر ڪوچ مان اوچتو دونهون نڪرڻ سبب مسافرن ۾ خوف پکڙجي ويو، جنهن سبب ڪوچ ۾ موجود مسافرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

مسافرن پاران ڪوچ مان ٽپا ڏئي هيٺ لهڻ دوران پيرسن عورت حيات خاتون لتاڙجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻارڙي پٺاڻي زخمي ٿي پئي.

واقعي بعد فوتي عورت جو مڙهه ۽ زخمي ٻارڙي کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو پهچايو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڊرائيور جو چوڻ آهي ته گاڏي گرم ٿيڻ ڪري دونهون نڪتو، مسافرن سمجهيو ته باهه لڳي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*