افغان سيڪيورٽي فورسز جي حملي کان پوءِ پاڪ افغان چمن بارڊر تي بابِ دوستي چوٿين ڏينهن به بند آهي

Chaman-Dosti-gate-22816

افغان سيڪيورٽي فورسز جي حملي کان پوءِ پاڪ افغان چمن  بارڊر تي بابِ دوستي چوٿين ڏينهن به بند آهي، جنهن ڪري ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن، شهري علائقن ۾ 4 ڏينهن بعد آدمشماري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.

چمن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اڪثر مارڪيٽون ۽ دڪان به بند آهن، پاڪ افغان سرحد تي باب دوستي به چوٿين ڏينهن به بند آهي.

باب دوستي تان نيٽو سپلاءِ توڙي عام ٽريفڪ بند هجڻ ڪري ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون آهن.

انتظاميه جي هدايتن بعد چوٿين ڏينهن به رهواسين جي لڏپلاڻ وارو سلسلو جاري آهي، تنهن هوندي به آدمشماري جو ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*