جوهي ۾ سيپڪو اختيارين پاران بجلي جا ڪنيڪشنز ڪاٽڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
جوهي ۾ سيپڪو اختيارين پاران بجلي جا ڪنيڪشنز ڪاٽڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڳوٺاڻن عبدالرزاق، محمد قاسم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ساڻي جمالي موري وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب واهي پانڌي ۽ جوهي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
مظاهرين الزام مڙهيندي چيو ته سيپڪو اختيارين رشوت نه ڏيڻ تان سندن ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي، جنهن سبب 4 ڏينهن کان ڪارونهوار ٺپ پيل آهي.
هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن ڳوٺن جي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته واهي پانڌي گرڊ اسٽيشن آڏو ڌرڻو هڻي ويهندا.