لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي نون ڀرتي ٿيل ملازمن پاران پوسٽنگ آرڊر نه ملڻ خلاف چانڊيڪا ميڊيڪل ڪاليج آڏو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي

larkana s u bb pro

لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي نون ڀرتي ٿيل ملازمن پاران پوسٽنگ آرڊر نه ملڻ خلاف چانڊيڪا ميڊيڪل ڪاليج آڏو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي.

شيوا جي صدر سڪندر ويسر، جاويد دستي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج سامهون احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي.

احتجاجين چيو ته کين ڀرتي ڪرڻ باوجود پوسٽنگ آرڊر نه پيا ڏنا وڃن، جنهن ڪري کين بيچيني وڪوڙي رهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته کين فوري طور تي پوسٽنگ آرڊر جاري ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*