جوهي ۾ ڳوٺاڻن بااثر وڏيري جي مبينا ڏاڍائين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو

johi khangi pro

جوهي ۾ ڳوٺاڻن بااثر وڏيري جي مبينا ڏاڍائين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو.

ڳوٺ حيدر ڪنگراڻي جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن بااثر وڏيري پاران مبينا طور زبردستي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ گهر خالي ڪرڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي حبيب الله ڪنگراڻي ۽ مسمات ڪزبانو جي اڳواڻي ۾ دادو-جوهي روڊ تي ڌرڻو هنيو.

احتجاجين دانهيندي الزام مڙهيو ته بااثر وڏيرا علي داد ۽ سائينداد کين ڌمڪائي سندن گهر ۽ زمينن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته پوليس به جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي.

 هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيرن کان تحفظ فراهم ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*