چڪن گونيا کان بچاءُ لاءِ ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري جي اسپتال ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ لاءِ لڳائي وئي

khi chicken gonia

چڪن گونيا کان بچاءُ لاءِ ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري جي اسپتال ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ لاءِ لڳائي وئي.

ڪيمپ ۾ ڊاڪٽرن پاران اسڪريننگ ٽيسٽ ڪئي وئي ان موقعي تي فوڪل پرسن چڪن گونيا ڊاڪٽر مسعود سولنگي ٻڌايو ته چڪن گونيا ڪراچي ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.

هن چيو ته چڪن گونيا هڪ مڇر جي چڪ هڻڻ سان ٿئي ٿي جيڪو ڏکڻ آفريڪا مان آيو آهي.

ڊاڪٽر مسعود سولنگي چيو ته سنڌ حڪومت پاران چڪن گونيا جي مريضن کي چڪاسڻ لاءِ ابراهيم حيدري سميت ملير جي ٻين اسپتالن ۾ به ڪيمپون قائم ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*