تحريڪ انصاف نوازشريف ۽ سندس جماعت طرفان اسامه بن لادن کان رقم وٺڻ واري معاملي بابت سپريم ڪورٽ سان رابطو

fawad chodhry

تحريڪ انصاف نوازشريف ۽ سندس جماعت طرفان اسامه بن لادن کان رقم وٺڻ واري معاملي بابت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ لاءِ قانوني مشاورت مڪمل ڪري ورتي، فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال لکين ڊالر پرڏيهه مان ايندا آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني فنڊ ڪن ٿا ته ان ۾ ڪهڙي برائي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اصغر خان ڪيس تي عملدرآمد لاءِ به لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي ويندي.

هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس حڪم ڏنو هو ته عدالت ۾ هلندڙ ڪيس تي تبصرو نه ڪيو وڃي پر ن ليگ جي گينگ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي پر پي ٽي آءِ ان ڪيس تي نه ڳالهائيندي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ نواز شريف طرفان سي آءِ ايس آءِ کان پيسا وٺڻ بابت پنهنجو فيصلو واضع ڪري چڪي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نواز شريف اسامه بن لادن کان پيا وٺي جمهوريت تي راتاهو هڻندڙن سان سهڪار به ڪيو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نواز شريف جي پرڏيهي ڳجهن هٿن جو پتو لڳايو وڃي.

فواد چوڌري چيو ته اساما بن لادن کان رقم وٺڻ ۽ اصغر خان ڪيس جي حوالي سان عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ جلد سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*