بلوچستان جي هاءِڪورٽ ڪنري جي وڏيري زيد ٽالپر جي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

balochistan-high court

بلوچستان جي هاءِڪورٽ ڪنري جي وڏيري زيد ٽالپر جي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

ڪنري جي وڏيري زيد ٽالپر بلوچستان هاءِڪورٽ ۾ عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي چيو ته مٿس سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

زيد ٽالپر موقف اختيار ڪيو ته هو قانوني طور ڪيسن کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو، تنهنڪري کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ پهچڻ کان اڳ حفاظتي ضمانت ڏني وڃي.

عدالت زيد ٽالپر جي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*