پير جو ڳوٺ ڀرسان زميني تڪرار تان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت مارجي وئي

pir jo goth women deadbody

پير جو ڳوٺ ڀرسان زميني تڪرار تان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت مارجي وئي.

ڳوٺ وسطڙا ۾ مبينا زميني تڪرار تان هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي  ۾ زيب النساءِ پٺاڻ ٿڏي تي مارجي وئي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش تعلقه اسپتال پيرڳوٺ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

مقتوله جي وارثن الزام مڙهيندي چيو آهي ته وسطڙا برادري جي ماڻهن سندن گهر تي ڪاهه ڪري عورت کي قتل ڪيو آهي، جوابدار گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*