پاناما فيصلي ۽ ڊان ليڪس رپورٽ تي مخالف ڌر جي احتجاج جي خوف سبب حڪومت سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اجلاسن جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو آهي

national assembly

پاناما فيصلي ۽ ڊان ليڪس رپورٽ تي مخالف ڌر جي احتجاج جي خوف سبب حڪومت سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اجلاسن جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس 8 مئي تي گهرائڻ لاءِ پارلياماني معاملن واري وزارت پاران سمري موڪلي هئي، جيڪا وزيراعظم رد ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، مخالف ڌر ٻنهي ايوانن جي اجلاسن ۾ سخت احتجاج جي حڪمت عملي جوڙي هئي.

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس سڏائڻ جو فيصلو هاڻ هلندڙ هفتي  ڪيو ويندو.

قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته اجلاس بابت تمام جلد صورتحال واضع ٿي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*