پيمرا چيئرمين ابصار عالم چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پيمرا ملازمن کي فون تي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

absar alam pemra chairman

پيمرا چيئرمين ابصار عالم چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پيمرا ملازمن کي فون تي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، صورتحال خطرناڪ ٿي وڃڻ سبب پيمرا لاءِ ڪم ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي، وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي درخواست آهي ته  ڌمڪيون ڏيندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ابصار عالم چيو ته پيمرا جا اختيار محدود ڪرڻ سبب ميڊيا کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي، ڪجهه ماڻهو پيمرا جي ملازمن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

هن چيو ته پيمرا جا اختيار هاءِ ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، جيڪو قدم کڻون ٿا ان تي عدالتي منع نامو اچي وڃي ٿو.

هن سپريم ڪورٽ کي ڪيسن جا فيصلا جلد اڪلائڻ جي جي اپيل ڪندي چيو ته اختيار محدود ۽ ڌمڪين ملڻ  بعد ڪم ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو، جيڪي ماڻهو  منهنجي باري ۾ ڳالهيون ڪن ٿا انهن سڀني کي  چڱي ريت سڃاڻان ٿو.

هن چيو ته منهنجي ٽيم ۽ ڪٽنب جي زندگين کي خطرو آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي به تحفظ ڏيڻ لاءِ خط لکيو آهي.

پيمرا چيئرمين چيو ته وزيراعظم پيمرا جي اختيارن ۾ ڪڏهن به مداخلت ناهي ڪئي ۽ ڪجهه ماڻهو ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهيا آهن.

پيمرا چيئرمين وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي درخواست ڪئي  ته  ڌمڪيون ڏيندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي  کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*