اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل سرچ آپريشن ڪري 37 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو

Islamabad-Police-Search-Operation-9517

اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل سرچ آپريشن ڪري 37 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ اشتهاري ڏوهاري به شامل آهن، جن وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن سرچ آپريشن ڪري 2 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، سرچ آپريشن دوران 180 گهرن جي تلاشي ۽ 300 ماڻهن جي بايو ميٽرڪ تصديق ڪئي وئي.

منڊي بهاءُ الدين واري علائقي ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 16 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، سرچ آپريشن دوران 30 گهرن جي تلاشي 15 ڄڻن جي بايوميٽرڪ تصديق ڪئي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته سرچ آپريشن دوران گرفتار ٿيلن ۾ هڪ اشتهاري به شامل آهي، جن وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي.

خانيوال ۾ به پوليس ۽ حساس ادارن سرچ آپريشن ڪري هڪ اشتهاري سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*