خطي ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال جي بنيادي سببن جي خاتمي جي ضرورت آهي، مليحه لوڌي

maleeha-lodhi-9517

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي چيو آهي ته خطي ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال جي بنيادي سببن جي خاتمي جي ضرورت آهي، اسلامو فوبيا جي پرتشدد ڪاررواين سان مسلمانن کي نقصان ٿي رهيو آهي.

نيويارڪ ۾ اسلامي ملڪن جي سفيرن گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گيٽريس سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران سيڪريٽري جنرل کي والاريل ڪشمير، فلسطين ۽ برما ۾ روهنگيا مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم بابت آگاهي ڏني وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستاني نمائنده مليحه لوڌي چيو ته ڪشمير ۾  خراب ٿيندڙ صورتحال کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده چيو ته اسلامو فوبيا جي پرتشدد ڪاررواين سان مسلمانن کي نقصان ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسلامو فوبيا سبب پيدا ٿيندڙ پرتشدد ڪاررواين جي روڪٿام لاءِ هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي.

مليحه لوڌي چيو ته خطي ۾ پيدا ٿيندڙ خراب صورتحال جي بنيادي سببن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*