پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي آءِ ٽي جو ٻيو اجلاس جاري آهي

JIT-PANAMA-9517

پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي آءِ ٽي جو ٻيو اجلاس جاري آهي، پاناما ڪيس ۾ گڏيل جاچ ٽيم ايف آءِ اي ۽ خانگي شعي جي ماهرن کان خدمتون وٺن جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضيا ڊي جي ايف آءِ کي ايف آءِ اي ۽ خانگي شعبي جي ماهرن کان خدمتون وٺڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.

پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽيم اڄ کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، فيڊرل جوڊيشل اڪيڊميکي جي آءِ ٽي سيڪريٽريٽ قرار ڏئي ڇڏي آهي.

گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه واجد ضيا وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي سربراهه محمد امليش کي خط لکي وائٽ ڪالر ڪرائمز جي ماهر پنج آفيسرن جا نالا به به گهري ورتا آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته انهن آفيسرن کان پاناما پيپرز ۾ جاچ جي لاءِ سهڪار لاءِ مقرر ڪيو وڃي، شعبي جي بينڪنگ معاملن جي ماهرن جي به خدمت حاصل ڪئي وئي آهي.

ڪميٽي جي سربراهه واجد ضيا کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي به فراهم ڪئي وئي آهي.

ڪميٽي جي سربراهه واجد ضيا چيو آهي ته هو سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل ذميواري کي ايمانداري سان نڀائيندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*