ميرپور خاص ويجھو ايمبولينس ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾امتحان ڏيڻ لاءِ ويندڙ شاگرد فوت ٿي ويو

Road-Accident-201016ميرپور خاص ويجھو ايمبولينس ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾امتحان ڏيڻ لاءِ ويندڙ شاگرد فوت ٿي ويو، فوتي جي ڀاءُ سميت2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

عمر ڪوٽ روڊ تي 78 موري وٽ ايمبولينس ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ انٽر جو امتحان ڏيڻ لاءِ ويندڙ 18 ورهين جو واحد بخش راڄڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

حادثي ۾ فوتي جو ڀاءُ  شاهد ۽ عبدالرزاق راڄڙ زخمي ٿي پيا.

ڳوٺاڻن لاش ۽ زخمين کي کڻائي ميرپورخاص سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ  بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*