پنجاب جي علائقي ۾ حافظ آباد ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب هڪ ڪٽنب جي چئن ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي

Hafizabad-Map-9517

پنجاب جي علائقي ۾ حافظ آباد ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب هڪ ڪٽنب جي چئن ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ٻن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتو.

حافظ آباد جي پير ڪالي شاهه پاڙي ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب چئن ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب، متاثرن جو تعلق هڪ ئي ڪٽنب سان آهي، زهريلو شراب پيارڻ جي الزام ۾ ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته متاثرن جي حالت خطري کي ٻاهر آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*