پيٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم پاران اي سي ايل مان نالو خارج ڪرائڻ واري درخواست وفاقي سرڪار جواب داخل ڪرائندي موقف اختيار ڪيو آهي

dr asim leter

پيٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم پاران اي سي ايل مان نالو خارج ڪرائڻ واري درخواست وفاقي سرڪار جواب داخل ڪرائندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم عهدي جو غلط استعمال ڪندي قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم جي اي سي ايل مان نالو خارج لاءِ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران وفاقي سرڪار پاران جواب داخل ڪرايو ويو.

وفاقي سرڪار پاران داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر عاصم سرڪاري عهدي جو غلط استعمال ڪندي قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو آهي.

وفاقي سرڪار پاران داخل ڪرايو جواب ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت وقت عدالتي حڪم جي روشني ۾ سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان کان اڳ 24 نومبر 2015 تي به ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل جو چوڻ هو ته نيب پاران ڊاڪٽر عاصم جي ميڊيڪل بورڊ تي ڪوبه اعتراض ناهي ڪيو ويو،  شريڪ جوابدار عبدالمجيد کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت مليل آهي.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل لطيف کوسا جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر عاصم کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته نقصان ٿي سگهي ٿو، ڊاڪٽر عاصم ضمانت ٿيڻ بعد اڃا تائين گهر به ناهي وڃي سگهيو.

لطيف کوسا جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر عاصم  ضمانت ٿيڻ بعد نالو اي سي ايل ۾ هئڻ ڪري سخت پريشان آهي، جنهن ڪري نٿس ذهني دٻاءُ آهي.

عدالت وفاقي سرڪار جي داخل ڪرايل جواب کانپوءِ ڊاڪٽر عاصم جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي……………..a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*