سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي اپوزيشن جي سخت احتجاج دوران جماعتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل اپوزيشن ميمبرز جي رڪنيت ختم ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪرائي ورتو

Sindh-Assembly-29716

سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي اپوزيشن جي سخت احتجاج دوران جماعتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل اپوزيشن ميمبرز جي رڪنيت ختم ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪرائي ورتو، اپوزيشن ميمبرز پاران گو زرداري گو، گو شهلا گو ۽ گو ڪرپشن گو جا نعرا هنيا ويا، پ پ ايم پي ايز جو  چوڻ  هو ته فنڪشنل ليگ وارن جا ايم پي ايز گهٽجي ويا آهن، سندن مخصوص سيٽون به گهٽجڻ گهرجن، صوبائي وزير امداد پتافي اجلاس دوران اپوزيشن خلاف گٿن لفظن جو استعمال ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدايت هيٺ شروع ڪيو، جنهن دوران ڪراچي ۾ چگن گونيا  جي مرض تي اپوزيشن حڪومتي ميمبرن وچ ۾ بحث ٿيو.

پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان جو چوڻ هو ته چگن گونيا مرض سبب ڪراچي جا ماڻهو سخت پريشان آهن، ڇا حڪومت ماڻهن جي مرڻ جو انتظار ڪري رهي آهي.

صحت واري وزير سڪندر منڌرو جو چوڻ هو ته ڪنهن جي به مرڻ جو انتظار ناهي، حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ان معاملي تي گهڻو بحث نه ڪيو وڃي.

سڪندر منڌرو  جو چوڻ هو ته چڪن گونيا جي مريضن بابت غلط انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن،آئون خرم شير زمان جي  تحريڪ التوا جي مخالفت ڪيان ٿو.

  اجلاس دوران ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام بابت فنڊ بنا فرق جي ڏيڻ واري قرارداد اڪثريت راءِ سان رد ڪئي وئي، ان دوران اپوزيشن ميمبرن قراداد جي مخالفت ڪندي شيم شيم جا نعرا هنيا.

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جو چوڻ هو ته ٿوري دير  ۾ اپوزيشن ميمبرن هتان کان گو ٿيندي نظر ايندا، جنهن تي اجلاس ۾ هنگامو مچي ويو.

اجلاس دوران پيپلزپارٽي جي وزير  سهيل انور سيال فنڪشنل ليگ جي مخصوص سيٽن تي موجود ميمبرن کي اسيمبلي مان فارغ ڪرڻ واري قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي.

قراداد جمع ڪرائڻ خلاف متحده جا اپوزيشن ميمبر ايوان ۾ سخت احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائس آڏو گڏ ٿي ويا ۽ پيپلزپارٽي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

سهيل انور سيال جو چوڻ جو ته ضمني چونڊن بعد ڪيترن ئي پارٽين جي اڳواڻن جو تعداد گهٽجي ويو آهي، مخصوص سيٽن جي ورهاست موجوده عددي اڪثريت جي بنياد تي ڪئي وڃي.

صوبائي وزير امداد پتافي جو چوڻ هو ته لنڊن وارن جي چوڻ تي گو گو جا نعرا لڳي رهيا آهن، هي خيبرپتونخوا مان ناڪام ٿي چڪا آهن، 2018 ۾ پيپلزپارٽي جو وزير اعظم هوندو.

امداد پتافي جو چوڻ هو ته پرائيوٽ ميمبر ڏهاڙو هئڻ باوجود حڪومتي وزيرن کي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي.

امداد پتافي جي ڳالهائڻ تي متحده ميمبرن سخت نعريبازي ڪئي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جو چوڻ هو ته هتي راند نٿي هلي، آئين ۽ گيلري کي فالو ڪيو وڃي.

صوبائي وزير ممتاز جکراڻي جو چوڻ هو ته نعريبازي ڪندڙ هاڻي لنڊن کان ملندڙ پيغامن تي هلي رهيا آهن،  عمران نيازي به پرويز مشرف جو ايجنٽ هو.

ممتاز جکراڻي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وران کي چوان ٿو ته اوهان جو نيازي سڀ کان وڏو چور هو، عمران نيازي جو والد ڪرپشن سبب عهدي تان فارغ ٿي ويو هو.

پيپلزپارٽي اڳواڻ نثار اسيمبلي ۾ ڳالهائندي چيو ته اپوزيشن وارن ايوان کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، اپوزيشن وارن کي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ ڪميشن گهرجي، ان ڪري هنگامو ڪري رهيا آهن.

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ايوان کي مخاطف ٿيندي چيو ته پتو لڳايو وڃي ته ايوان ۾ ڪيترا ميمبرز غير حاضر آهن، غير حاضر سمورن ميمبرن کي ليٽر لکيو وڃي.

شهلا رضا جو چوڻ جو ته خبر ناهي ته ميمبر ڪهڙي خوف سبب ايوان ۾ نٿا اچن، پتو لڳايو وڃي ته ڪيترا ميمبر پگهارون وٺڻ باوجود اجلاس ۾ شرڪت نٿا ڪن.

پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ ايوان ۾ ڳالهائندي چيو ته  سنڌ جا ماڻهو وفاق کان بجلي، گئس ۽ پاڻي هر صورت ۾ وٺي رهندا.

پيپلزپارٽي اپوزيشن جي سخت احتجاج دوران جماعتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل اپوزيشن ميمبرز جي رڪنيت ختم ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪرائي ورتو.

ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*