پي ٽي آءِ جي وڪيل فواد چوڌري چيو آهي ته هاڻ بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسامه بن لادن پاران ڏنل فنڊنگ ۽ ان جي استعمال جي به جاچ ڪئي وڃي

fawad chodhary

پي ٽي آءِ جي وڪيل فواد چوڌري چيو آهي ته هاڻ بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسامه بن لادن پاران ڏنل فنڊنگ ۽ ان جي استعمال جي به جاچ ڪئي وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عمران خان ايندڙ وزيراعظم آهي، اها ڳالهه اڪرم شِيخ به تسليم ڪري ٿو، جنهن تي هو سندن ٿورائتا آهن.

هن چيو ته عمران خان بابت نواز ليگ اڳواڻن جي بيان بعد سندن سهپ به ختم ٿي وئي آهي، هاڻ اصغر خان ڪيس کانپوءِ اسامه بن لادن جي فنڊنگ جو معاملو به سپريم ڪورٽ ۾ اچي رهيو آهي.

فواد چوڌري چيو ته عمران خان جو پيسو حلال جو آهي، نواز ليگ اڳواڻ پنهنجي ليڊر بابت ڇا ٿا چئي سگهن.

فواد چوڌري چيو ته هو پاناما ڪيس جي جي آءِ ٽي پاران ڪيل اِن ڪيمرا ٻڌڻي کي نه مڃيندا، جي آءِ ٽي جي ڪارروائي عوام سان شيئر ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*